ڪراچي (نمائندن وٽان)  مختلف شهرن  ۾ سياستدان، قانوندان، مفڪر، اديب، شاعر ۽ نقاد رسول بخش پليجو جي 92هين سالگرھ ملهائي وئي. حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان سالگرهه جي تقريب نظاماڻي ھائوس تي منعقد ٿي جنهن ۾ مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار، اشرف پليجو، شوڪت سريوال، ڊاڪٽر مجدد قريشي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، ايڊووڪيٽ رائچند ھريجن ۽ شوڪت سريوال سميت ٻين شرڪت ڪئي.  ڪراچي جي علائقي ملير جي حمايتي ڳوٺ ۾ عوامي پورهيت تحريڪ پاران رسول بخش پليجو جي سالگره ملهائي وئي، تقريب م ڊاڪٽر ماروي پليجو، خالده زلف، غلام محمد حمايتي، عروج حمايتي، آمنه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  دادو ۾ لالا عبدالستار قريشي، وريام سنڌي، منير احمد سيال،  نصير احمد لنڊ، نظير احمد، عبدالغني جوڻيجو، ياسر قاضي وڪيل اسرار احمد ڪابورو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر اعجاز ڪنراڻي، عبدالوهاب ڪنراڻي، ارشاد ڪنراڻي ۽ ٻين سالگره تقريب ڪوٺائي وئي. لعلورائنڪ ۾ ڪامريڊ ذوالفقار بروهي، سميت سيد خالد شاھ، محمد خان مغيري، محرم چانڊيو ۽ امجد خاصخيلي مهراڻ پبلڪ لائبريري ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. کورواهه ۾ عوامي تحريڪ جي اگواڻ موسا درس ۽ سڪندر درس عوامي ھائوس کورواھ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي يوسف لاشاري، سليم لاشاري، وڪيو لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب کورواهه ۾ سالگره جا ڪيڪ ڪٽيا. مٺي ۾ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر طرفان سالگر تقريب ڊائمنڊ ھال ۾ ملهائي وئي، ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ آفيس ۾ ابراھيم بگٽي، مير محمد منگي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، نئون ڪوٽ ۾ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو، ميهڙ ۾ بار ۾ رسول بخش پليجو جي سالگره تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي وڪيل عبدالحليم ٻگهيو، وڪيل سعيد پنهور، وڪيل سيد لعل شاه، وڪيل گل حسن مغيري، وڪيل رضوان حيدر تنيو، ايڊوڪيٽ امجد ٻلھڙو، ايڊوڪيٽ رياض ڏيرو ۽ ٻين ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. پڊعيدن ۾ عوامي تحريڪ پاران سرور سنڌي، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، نندو شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان محمد حسين درس، سليم ملاح ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪٽيو ويو. وارھ ۾ روشن ڪنڀر، غلام مصطفيٰ کاهوڙي، سرتاج چانڊيو ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ميرپور ساڪرو ۾ قومي عوامي تحريڪ ٺٽي پاران منور ڀٽو، ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، شفيع محمد ميمڻ، حبيب الله پليجو ۽ ٻين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو. هوڏانهن جنگشاهي ۾ سنڌ جي ڏاھي، برک اديب ۽ قانوندان عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي 92ھين سالگره عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ملھائي ويئي، مرڪزي تقريب جنگشاھي جي ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاهه تي منعقد ٿي، جتي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو مرڪزي خزانچي مٺا خان لاشاري ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن مريم گوپانگ، سلميٰ لاشاري جي قيادت ۾ ڪارڪنن گلن جي چادر چاڙھي رسول بخش پليجي صاحب کي سلامي پيش ڪئي ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏني. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته پليجي صاحب سياست سان گڏ ادب، فلسفي ۽ شاعري جي ميدانن ۾ پڻ ھڪ ماھر ۽ اعليٰ پائي جي اسڪالر جيان پنھنجي زبردست لکڻين وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي. سنڌي عوام رسول بخش پليجي صاحب جي خدمتن کي ڪڏھن به  وساري نه  سگھندو.