طوبيٰ حسن آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ کٽي ورتو

0
195
طوبيٰ حسن آءِ سي سي پ

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي طوبيٰ حسن آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ مئي جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. طوبيٰ حسن ويسٽ انڊيز ويمن خلاف پنهنجي پهرين سيريز ۾ شاندار پرفارمنس کانپوءِ اهڙو ايوارڊ کٽيندڙ پهرين پاڪستاني عورت رانديگرياڻي جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪيو آهي

طوبيٰ حسن پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ 4 اوورن ۾ هڪ ميڊن اوور ڪرائيندي 8 رنز ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪري ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏني وئي هئي

ان بهترين ڪارڪردگيءَ سبب کيس آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ بڻجڻ ۾ ڪاميابي ملي. ٻئي پاسي مينز ڪيٽيگري م سريلنڪا جي اينجلو ميٿيوز کي ان ايوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو