نيروبي (م ڊ) صحافي ارشد شريف ڪينيا ۾ پوليس هٿان قتل، واقعو غلطي فهمي قرار، پاڪستان حڪومت اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف ڪينيا ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، ڪينيا ۾ صحافي جي قتل واقعي جو پاڪستان ڄائي ڪينيا پارليامينٽ جي ميمبر پاڪستاني اختيارين کي اطلاع ڏنو، ڪينين ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف جي موت جو واقعو پوليس طرفان سڃاڻپ ۾ غلط فهمي جي نتيجي ۾ پيش آيو. ڪينيا جي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف ۽ سندس ڊرائيور ناڪابندي جي مبينا ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پوليس طرفان فائرنگ ڪئي وئي، مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ارشد شريف ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ڪينيا ۾ ارشد شريف جي قتل جي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس جي ڪم جي نگراني ڪندڙ شهري اداري انڊپينڊنٽ پوليس ۽ سائيٽ اٿارٽي چيو آهي ته ادارو پاڪستاني صحافي جي قتل جي جاچ ڪري رهيو آهي. اداري جي سربراهه اين ماڪوري نيروبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪيجياڊو ڪائونٽي جي ٽنگا مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شهري ارشد شريف کي مبينا طور پوليس قتل ڪري ڇڏيو آهي، جاچ لاءِ اسان جي ريپڊ ريسپانس ٽيم کي روانو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪينيا پوليس مشهور صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف کي گولي هڻڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڪينڊيا ۾ قتل ٿيل پاڪستان جي مشهور اينڪر ۽ سينئر صحافي ارشد شريف جي موت جو سبب سامهون اچي ويو آهي. ڪينيا پوليس ارشد شريف کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي سبب به ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڪينيا پوليس اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستاني صحافي ارشد شريف سڃاڻپ ۾ غلطي سبب پوليس فائرنگ جو نشانو بڻيو. ڪينيا جي اخبار ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيروبي مگاڊي هاءِ وي تي گاڏي ڦر ڪرڻ ۽ ٻارڙي کي يرغمال بڻائڻ جي واردات ٿي هئي. واقعي کانپوءِ گاڏين جي چيڪنگ لاءِ روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو. جڏهن ته ارشد شريف ۽ سندس ساٿين مبينه طور تي روڊ بلاڪ ڀڃڪڙي ڪئي. ڪينيا جي ميڊيا ٻڌايو ته پوليس صحافي ارشد شريف جي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو پر صحافي گاڏي روڪڻ بدران اڳيان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ارشد شريف مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڊرائيور کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيا موجب ارشد شريف کي آچر جي رات نيروبي مگادي هاءِ وي ۾ پوليس مٿي تي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ ڪينيا جي سينئر پوليس آفيسر صحافي مٿان فائرنگ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر ويلم روٽو کي ٽيليفون ڪري صحافي ارشد شريف جي قتل جي واقعي تي ڳالهايو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گفتگو ۾ افسوسناڪ واقعي جي اڻ ڌري ۽ شفاف جاچ تي زور ڏيندي پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري ۾ ڇانيل ڳڻتيءَ کان کيس آگاهه ڪيو. هن ارشد شريف جو مڙهه ڏيهه واپسيءَ لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي شهباز شريف کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي صحافي ارشد شريف جو مڙهه جلد ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪرڻ ۽ ڪينيا جي اختيارين سان معاملي تي مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) سياسي قيادت ۽ صحافي برادري صحافي ارشد شريف جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، صدر عارف علوي، وزيراعظم شهبازشريف، تحريڪ انصاف جي عمران خان، گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ ٻين واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو، ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ارشد شريف جي بي رحماڻي قتل تي صدمو پهتو، هن سچ ڳالهائڻ جي قيمت زندگي وڃائڻ جي صورت ۾ ادا ڪئي. هن چيو ته ارشد شريف کي ملڪ ڇڏي ٻاهرئين ملڪ روپوش ٿيڻو پيو، سڄي قوم سندس موت تي ڏکاري آهي. هوڏانهن عمران خان، ارشد شريف جي گهر به ويو، جتي هن وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ صحافي جي قتل جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري لکيو ته ارشد شريف جي قتل جي خبر تي دل رتورت آهي، ظلم جي حد پار ٿي چڪي آهي.