شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد باءِ پاس تاج سي اين جي وٽ ھوٽل تي چانھن پيئڻ دوران ٻن پوليس اھلڪارن بشير لاشاري ۽ غلام مجتبا مارفاڻي ۾ جھيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب سپاھي غلام مجتبيٰ مارفاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي آر بي يو ٽي سول اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ پنھنجي ئي ساٿي کي گولي ھڻندڙ پوليس اھلڪار بشير لاشاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسٽورٽ گنج پوليس ٻڌايو ته ٻنھي اھلڪارن ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان اھلڪار غلام مجتبيٰ زخمي ٿيو، پوليس مطابق جوابدار پوليس اھلڪار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن جلد گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويندو.