شڪارپور (رپورٽر) سرڪاري ايمبولنس جو تيل کٽي پيو، اسپتال ۾ فوت ٿي ويل نينگر جو لاش ڪيتري ئي دير تائين پيل رھيو، بعد ۾ خيراتي ايمبولينس ذريعي لاش ڳوٺ منتقل ڪيو ويو، خبر موجب ميرپور ٻرڙو واسي 12 ورھين جو نينگر مومن پٽ لياقت ٻرڙو کي والدين علاج لاءِ سکر کڻائي وڃي رھيا ھئا ته ٻارڙو مسافر وين ۾ ئي فوت ٿي ويو، جنھن کي والدين شڪارپور جي آر بي يو ٽي سول اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، نينگر جي مڙهه کي سرڪاري ايمبولينس ۾ رکيو ويو ته اسپتال انتظاميا پاران ٻارڙي جي والدين کي تيل نه ھجڻ جو چئي پرائيويٽ ايمبولينس ذريعي لاش کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو، والدين انتھائي غريب ھجڻ ڪري روئيندا رهيا، بعد ۾ ٻارڙي جو لاش خانگي ايمبولينس ۾ وارث کڻائي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي آر بي يو ٽي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نورالدين ابڙو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته سول سرجن ڊاڪٽر اصغر مڱڻھار ڏھن ڏينھن اندر رٽائر ٿيڻ سبب تيل جي مد ۾ گذريل سال جي بجيٽ کپائي ڇڏي آھي پر ان سان گڏوگڏ ايندڙ سال 2021 ۽ 2022 جي بجيٽ جا بل به تيار ڪري اڳ کاڌ ڪري ڇڏيا آھن، جنھن سبب سرڪاري ايمبولينسن ۽ جنريٽرس ۾ تيل ناھي، ھوڏانھن سول سرجن ڊاڪٽر اصغر مڱڻھار ٻڌايو ته ھنن وٽ ايمبولينس ۾ تيل موجود آھي، لڳايل الزام ڪوڙا آھن، ياد رھي ته اسپتال جي تيل جي مد ۾ ساليانو بجيٽ 25 لک رپيا آھي.