شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي بااثرن خلاف رپورٽون ٺاھڻ ۾ ٻن اڳوڻن ايس ايس پيز جي مدد ڪرڻ تي ڊي آءِ بي جا 21 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار ڳڙھي تيغو بدلي، ايس ايس پي شڪارپور ڊي آءِ بي برانچ ئي بند ڪري ڇڏي. خبر موجب شڪارپور ضلعي جي بااثرن جا ڏوهارين سان رابطن واري ڳجهي رپورٽ ٺاھڻ ۾ ٻن ايس ايس پيز ڊاڪٽر رضوان خان ۽ ڪامران نواز پنجوٿا جي مدد ڪرڻ تي موجوده ايس ايس پي تنوير تنيو ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ جي 21 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بدلي ڪري برانچ کي ئي بند ڪري ڇڏيو آھي، بدلي ٿي ويلن ۾ سب انسپيڪٽر بصر خان شيخ، اي ايس آءِ مظھر ھڪڙو، ھيڊ ڪانسٽيبل سعيد شيخ، پوليس اھلڪار سليم پٺاڻ، مھراڻ ھڪڙو، قدير چانڊيو، عباس دايو، محمد فاروق، نويد احمد ۽ ٻيا شامل آهن، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته بدلي ٿيل اهلڪارن پاران مهيا ڪيل تفصيلن جي آڌار تي ٻن اڳوڻن ايس ايس پيز، ضلعي جي بااثرن خلاف رپورٽون تيار ڪيون ھيون، سمورن آفيسرن ۽ اھلڪارن جو موجوده ايس ايس پي سزا طور ڳڙھي تيغو ۾ مقرري جو آڊر ڪري ڇڏيو آھي.