ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم اڳواڻن عامر خان، وسيم اختر، فيصل سبزواري چيو آهي ته بحريا واقعي کي ڪراچي تي حملو تصور ڪريون ٿا، اسان کي تحفظ گھرجي. ڪراچي جي ماڻهن کي سمنڊ ۾ غرق ڪرڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏيو وڃي. پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته جن کي بحريا ٽائون تي اعتراض هئا، انهن کي وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ گھرجي ها. عامر خان چيو ته بحريا ٽائون جي رهواسين جو ڏوهه ڪهِڙو هو؟ سنڌ حڪومت ڌرڻو هڻندڙن کي سهوليت فراهم ڪئي. هٿياربند ماڻهو ڌرڻي ۾ آيا. هن چيو ته مقامي پوليس هجڻ گھرجي ها پر پوليس به ٻاهر جي هئي. هن چيو ته پاڻ کي مهاجرن جو چيمپين سمجڻ وارو لنڊن مان ويهي انهن جي حمايت ڪري پيو، ان عمل جي به مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن بحريا ٽائون جي گيٽ تي بيهي حفاظت ڪندو. هن چيو ته جن ماڻهن ملڪ دشمن نعرا لڳايا، انهن تي غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. آرمي چيف اڃا ڪهڙي ڳالهه جو انتظار پيو ڪري؟ هاڻي ضروري آهي ته مُلڪ ۾ ٻيا صوبا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته قديمي ڳوٺن تي قبضا ٿيا ته اهي ڪنهن جي سهڪار سان ٿيا آهن؟ وسيم اختر چيو ته حملي ۾ پيپلز پارٽي ملوث آهي، هن چيو ته عمران خان جاڳي نه ته ڪراچي وارا کيس معاف نه ڪندا. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته بحريه ٽائون واقعوکليل دهشتگردي آهي، منظم منصوبابندي تحت نسل پرستن جو حملو هو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته اهو حملو بحريا ٽائون تي نه پر ڪراچي تي حملو هو، اهو حملو مهاجرن ۽ ٻين مظلوم قوميتن تي حملو هو. جيڪو پيپلز پارٽي جي مڪمل تائيد ۽ سرپرستي ۾ٿيو آهي.