شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: افضل جوکيو منھن لڪائيندو رھيو

0
230
شهيد ناظم جوکيو قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم اين اي ڄام ڪريم جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران افضل جوکيو عدالت ۾ پيش ٿيو، پ پ اڳواڻ عدالت ۾نه آيو جڏهن ته افضل جوکيو ٽائيم نيوز ٽيم کي ڏسي منھن لڪائيندو رھيو

عدالت ٻاهران ناظم جوکيو جو ڀاءُ ۽ ڪيس ۾ فريادي افضل جوکيو ٽائيم کان ٽائيم نيوز سوال ڪيو ته ڇا ڄام اويس ۽ ڄام ڪريم کي اوھان خون معاف ڪري ڇڏيو آھي؟

افضل جوکيو جواب ڏنو ته اسان جو منسٽر ساجد جوکيو ۽ ٻيا راڄ جا معزز ماڻھو اسان وٽ آيا ھئا انھن کي اسان عزت ڏني ۽ معاف ڪيو، وڌيڪ معاملو ڪورٽ ۾ آھي، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي

توھان خون معاف ڪرڻ جا پئسا بہ ورتا آھن؟ واري سوال تي هن چيو ته اھي افواھون آھن، انھن تي اسان نٿا ڳالھائڻ چاھيون

ڄام ڪريم جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڄام عبدالڪريم اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ ويل آهي، هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيندو، حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي

وڪيل جي استدعا تي عدالت ڄام عبدالڪريم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي ڪردار ڪهاڻي سندس بيوهه شيرين جوکيو جي زباني