شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ڀرسان نجي جيلن تي ڇاپا هڻي 35 هاري بازياب ڪرايا ويا. ان ڏس ۾ لُنڊو پوليس عدالتي حڪم تي ڳوٺ مير محمد انڙ ۾ زميندارن جي زرعي زمينن تي ڇاپا هڻي مبينا باندي بڻايل ڀيل برادري جي 35 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. بازياب ڪرايلن ۾ وڏو انگ ٻارڙن ۽ عورتن جو آهي. هارين کي ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، بيان بعد عدالت سڳوري مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيندي هارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڳوٺاڻي سوڍيو ڀيل سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته زميندارن ليمون عرف بهادر زرداري، حاجي زرداري، مولا بخش زرداري ۽ ڏنو زرداري سندس خاندان کي باندي بڻائي جبري پورهيو وٺي رهيو آهي کين آزاد ڪرايو وڃي.