کپرو (ن پ ا) کپري ويجھو زميندار وٽ باندي ڄاڻايل 13 هاري بازياب ڪرايا ويا آهن. ان ڏس ۾ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس زميندار مشتاق چانهيون جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ٻارن سميت 13 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. هارين جي بازيابي لا ڪستورو ڪولهي ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني هئي. بازياب هارين ۾ امرو، مولچند، هيرو، کيمي، ڊيلي، بابو، والجي، هيمي ۽ ٻيا شامل آهن. هارين موجب زميندار جبري پورهيو ڪرائيندو هو، زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه وري هن وٽ ڪا خانگي جيل آهي، ٻئي پاسي ايس ايچ او کاهي موجب بازياب ڪرايل هارين کي اڄ لاڳاپيل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.