شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر سبب زخمي ٿيل پيرسن دم ڏئي ڇڏيو، گذريل ڏينهن ڳوٺ راڻا مَل ۾ موٽر سائيڪل سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 50 ورهين جو مجنو خاصخيلي مرڻينگ ٿي پيو هو، زخمي کي سِمس اسپتال مان طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، جتي علاج دوران ڳوٺاڻي زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.