نوشهروفيروز (رپورٽر) محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ پاران 4 رڪني نئين پوليس ٽيم جوڙي وئي آھي، ٽيم سي آءِ اي نوشهروفيروز جو انچارج يار محمد رند جي اڳواڻي ۾ جوڙي وئي ۽ ٽيم کي شهيد صحافي جا مک قاتل گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، جڏھن ته ٽيم ۾ 30 ايس ايچ اوز منير لغاري، قربان قمبراڻي ۽ محمد رفيق ٻوهيو شامل آھن، پوليس ٽيم جوڙڻ بابت ليٽر به جاري ٿي ويو آھي، ٽيم کي روزانو جي بنياد تي رپورٽ ڊي آءِ جي کي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ صحافين سان گڏ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ سان ملاقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو هو، جنھن بعد جاچ ٽيم جوڙڻ تي به اتفاق ٿيو هو.