شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ۾ معصوم نينگري سان زيادتي وارو معاملو، زيادتي ڪندڙ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي، پوليس زيادتي ڪرڻ جي اعتراف باوجود جوابدار جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ناڪام ان ڏس ۾ هفتو اڳ شھر جي راجپوٽ ڪالوني ۾ جوابدار عمران راجپوت پاران معصوم ڀائٽي سان زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر ريحان عبدالهادي ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس پاران جوابدار طرفان زيادتي جو اعتراف ڪرڻ واري دعويٰ باوجود عدالت آڏو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي، جاچ آفيسر پاران جاچ مڪمل ٿيڻ استدعا بعد عدالت سڳوري جوابدار کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، پوليس عدالتي حڪم تي جوابدار کي ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪيو.