شهباز شريف کي گاڏي ۾ ويهڻ بعد ٻيهر گهرائي پڇاڳاڇا ڪئي وئي

0
225

لاهور: مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کان ايف آءِ اي عملدارن پاران ٻه ڀيرا پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف شهباز شريف پڇا ڳاڇا لاءِ ايف آءِ اي اختيارين جي آڏو پيش ٿيو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين سوالن جا جواب ڏنا. ذريعن ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ جي پڇا ڳاڇا کانپوءِ جڏهن شهباز شريف گاڏي ۾ واپس وڃڻ لاءِ ويو ته گاڏي اوچتو روڪي وئي ۽ کيس ٻيهر جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو ، اها خبر ناهي ته شهباز شريف کي ڪنهن جي چوڻ تي ٻيهر گهرايو ويو، ايف آءِ اي اهلڪارن ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.