يونس خان ۽ پي سي بي ۾ اختلافن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

0
369

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان ۽ پي سي بي جي وچ ۾ اختلافن جي اندروني ڪهاڻي منظرعام تي اچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي پي سي بي سان سخت اختلافن سبب يونس خان عهدي کان ڌار ٿيو، مختلف اختلافن سبب يونس خان انگلينڊ جي دوري کان اڳ لاهور ۾ بائيو سيڪيور ببل ۾ به رپورٽ نه ڪيو. ذريعن موجب ان دوران بورڊ جا اعليٰ عملدار اختلافن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ڌرين ۾ اختلاف گهٽ نه ٿي سگهيا. ذريعن ٻڌايو آهي ته يونس خان کي پي سي بي انتظاميا سان مختلف معاملن تي اختلافات هئا ، يونس خان کي ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز کان اڳ محمد يوسف کي ڪئمپ ۾ موڪلڻ به ناگوار لڳو هو، اين ايڇ پي سي ڪوچز ۽ انهن جي طريقن تي به يونس خان کي تحفظات هئا جنهن بابت چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ذاتي طور تي يونس خان کي بيٽنگ ڪوچ بڻجڻ لاءِ آماده ڪيو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ماضي ۾ يونس خان انڊر 19 ڪوچ بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ٽي سال اڳ هن اڪيڊمي ۾ مناسب ڪمرو نه هجڻ سبب ڪوچنگ ڪورس ڇڏيو هو .2006 ۾ يونس خان اوچتو ڪپتان طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.