شرجيل ميمڻ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

0
217
سنڌ جي اطلاعات واري

ڪراچي(م ڊ) پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، اڳوڻي صوبائي وزير درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته هن جي ڌيءَ جي آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وئي آهي، پيءُ جي حيثيت سان يونيورسٽِ جي پهرين ڏينهن تي ڌيءَ کي ڇڏڻ جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، شرجيل ميمڻ جو درخواست ۾ چوڻ آهي ته ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت لاءِ سمورا شرط تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، 15 آگسٽ تي هڪ ڀيرو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست تي نيب پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪندي 10 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو ۽ ان جي وڪيل کي درخواست جي ڪاپي نيب پراسيڪيوٽر کي فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، واضح رهي ته شرجيل ميمڻ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ غير قانوني ڀرتين جي حوالي سان نيب طرفان ريفرنس داخل ٿيل آهن، شرجيل ميمڻ پاران گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ضمانت به حاصل ڪيل آهي.