اسلام آباد/ڪابل (بيورو رپورٽ + م ڊ) افغان سفير جي ڌيءُ جي مبينا اغوا واري معاملي تي افغانستان پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي سفير ۽ سينئر عملي کي واپس گهرائي ورتو، اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، پاڪستان سفيرن کي اوچتو واپس گهرائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افغانستان کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ سفير هتي رهي ڪري جاچ ۾ سهڪار ڪري. اسلام آباد ۾ 16 جولاءِ تي افغان سفير نجيب الله جي 26 ورهين جي ڌيءُ سلسله علي جي مبينا اغوا ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو، افغان سفير پاران گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ شڪايت درج ڪرائي وئي هئي ته سندس ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تشدد ڪيو ويو آهي، افغان سفير جي ڌيءُ جي مبينا اغوا واري معاملي بعد افغان حڪومت سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجي سفارتڪارن کي پاڪستان مان واپس گهرائي ورتو آهي، افغان پرڏيهي وزارت موجب ڪالهه افغان صدر اشرف غني جي حڪم تي افغان سفير ۽ سفارتخاني جي ٻئي سينئر عملي کي پاڪستان مان واپس گهرايو ويو آهي، افغان صدر جي مشير وحيد عمر جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جيستائين جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي تيستائين سفارتڪارن کي واپس نه موڪليو ويندو، مڪمل سيڪيورٽي ملڻ تائين سفارتڪار واپس نه ايندا، ذريعن موجب افغان وفد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ صورتحال جو جائزو وٺندو. افغان سفير کي اوچتو واپس گهرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، پاڪستان واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهيو آهي، افغان سفير هتي رهي ۽ سهڪار ڪيو وڃي، هن چيو ته سڀاڻي (اڄ) صبح سان ئي افغان سفير سان رابطو ڪندس.