سردار ممتاز ڀٽي کي آلين اکين سان دفنايو ويو، ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئندا رهيا!

0
496

رتو ديرو:سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو کي آلين اکين سان ميرپور ڀٽو ۾ دفنايو ويو، ممتاز علي ڀٽو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو,سردار عامر خان ڀٽو, سردار ذوالفقار علي ڪماريو,اڳوڻي سينيٽر صفدر علي عباسي,ايم پي اي معظم علي عباسي,ديدار جتوئي,جي يو آء سنڌ جو جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو,مير مٺل ٽالپر,ايم پي اي اسلم ابڙو,اڪرم ابڙو سميت ھزارين سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سردارممتاز علي ڀٽو کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ممتاز ڀٽو جو لاش کڄڻ وقت ڏکارو ماحول ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا.