شاگردياڻي نوشين جا وارث لاڙڪاڻي پهچي ويا، ماءُ جي حالت خراب

0
407
شاگردياڻي نوشين واقعو
شاگردياڻي نوشين واقعو: لاش ملڻ واري  واقعي تي شڪ آهي، جاچ ڪئي وڃي: پيءُ ھدايت الله شاهه

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي گرلز هاسٽل ۾ ڦاهو لڳل شاگردياڻي نوشين جو والد  هدايت علي شاھ ۽ استاد بخاري جو پٽ ڊاڪٽر الطاف شاھ لاڙڪاڻو پهچي ويا

انتظاميه پاران ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي. نوشين جي ماء پروفيسر منور بيمار هئڻ سبب علاج لاء حيدرآباد ترسيل آهي، جتي ڌيء جي المناڪ واقعي جو اطلاع ملڻ تي بيحال ٿي وئي ۽ سندس حالت خراب ٿي وئي

ھاسٽل کان ٻاھر نڪرڻ تي ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال پاران ميڊيا سان ڳالھائڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال يوسف  شاھ جي گاڏي کي شاگردن گھيري ورتو

 شاگردن پاران شيم شيم جا نعرا ـ پرنسپال گاڏي تان لھي گاڏي اڳيان پيل رڪاوٽون پاڻ پري ڪري ھليو ويو.