شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر جي ڳوٺ ڪوڙو خان عمراڻي جو رهواسي  24 ورهين جو اعجاز علي عمراڻي ڪراچي ٽول پلازه وٽ ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته گريجوئيٽ نوجوان ڪراچي ۾ مزدوري  ڪندو هو، نوجوان جو مڙهه ايمبولينس ذريعي شاهپورچاڪر ويجهو ڳوٺ آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.