ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه جي مين پرائمري اسڪول ۾ ڊيوٽي دوران دل جو  دورو پوڻ سبب استاد فوت ٿي ويو. استاد ارشاد علي راجپوت کي اسڪول ۾ اوچتو اٽيڪ ٿيو جنهن بعد هن کي رورل هيلٿ سينٽر نيو ويو. اسپتال پهچندي ئي استاد ارشاد علي راجپوت فوت ٿي ويو. 52 ورهين جو استاد ارشاد علي راجپوت هالا جو رهواسي هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي مين پرائمري اسڪول اندر چوٿين ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندوهو. اطلاع تي استاد جا وارث به اسپتال پهچي ويا. جڏهن ته وارث فوتي استاد ارشاد راجپوت جو مڙهه اسپتال مان هالا کڻائي ويا.