شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ هڙتال: انتظاميا تي سنگين الزام

0
232
شاهه لطيف يونيورسٽي

سکر: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به ايڊمن اڳيان قلم ڇڏ هڙتال  ڪئي وئي

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن وائيس چانسلر ملاقات ڪري مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي آهي پر جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو

هنن چيو ته اسان جا سمورا مسئلا جائز ۽ قانوني آهن مسلسل ڏيڍ سال کان مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هر ڀيري ڪوڙا آسرا ڏنا وڃن ٿا

مظاهرين دانهيو ته مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ملازمن ۾ بي چيني پکڙيل آهي مسئلا حل ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي