شاهنواز ڏاهاڻي جي پي ايس ايل ۾ هاڪ: ٽاپ ٽين بالرز ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب

0
266

لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي جي پاڪستان کانپوءِ ابوظهبي ۾ به هاڪ، ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بهترين ڪارڪردگي سبب پي ايس ايل جي ٽاپ ٽين بالرن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪو هن وقت سليڪٽرن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڪالهه پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز ۾ ٿيل ميچ دوران شاهنواز ڏاهاڻي 4 وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس ڪاميابيءَ تي شاهنواز جي دوستن، مٽن ۽ مائٽن خوشيءَ جو اظهار ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ فاسٽ بالر جي ڀاءُ ماجد علي ڏهاڻي ،مامي زوار غلام حيدر ڏهاڻي، سوئٽن گلاب ڏهاڻي، صاحب خان ڏهاڻي، علي حسن ڏهاڻي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته شاهنواز ان منزل تائين پهچڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، هو لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏهاڻي جو رهواسي آهي، ننڍپڻ کان وٺي هن جو ڪرڪيٽ سان لڳاءُ جنون بڻجي ويو، اسان جو بابا مرحوم هڪ ھارپو ڪندڙ پورھيت هو، والدين جي دعائون سان اسان جو ڀاءُ شاهنواز خان ڏهاڻي ڪيترن ئي فاسٽ بالرن سان پي ايس ايل کيڏي ٽاپ ٽين تي اچي ويو آهي، اسان کي خوشي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ترقيءَ طرف وڌي رهيو آهي، هنن چيو ته پاڪستان سپر ليگ کانپوءِ قومي ٽيم ۾ شاهنواز جي شموليت اسان لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. هنن وڌيڪ چيو شاهنواز جي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ وٺڻ وقت اسان وٽ بجلي نه هجڻ سبب اسين جنريٽر جو انتظام ڪري سڀني ڳوٺاڻن رات جو 1وڳي تائين شاهنواز خان جي راند ڏسي خوشي وچان جهمريون هنيون.شاهنواز ڏاهاڻي جي دوستن الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب ٽيم جي رانديگرن شفيع محمد مستوئي، محمد صديق ابڙو ،عبدالرحيم ابڙو، محمد نواز لاشاري، ظفر ڪٽبر، مزمل سولنگي ،جاويد لاشاري چيو ته شاهنواز الشهباز طرفان کيڏندي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ڏياريون هيون، هاڻ هو ملتان سلطانز طرفان کيڏندي پي ايس ايل جي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي.