ممبئي (شوبز نيوز) نامياري گلوڪارا آشا ڀوسلي دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي ڀيڻ ۽ سُرن جي ملڪا لتا منگيشڪر هڪ ڀيرو ڪروڙين رپين جي عيوض به گانو ڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب لتا جون يادون تازيون ڪندي آشا ڀوسلي ٻڌايو ته هن هڪ ڀيرو وڏي رقم ٿڏي ڇڏي هئي، جو هن کي هڪ شادي ۾ ڳائڻ جا 10 ڪروڙ رپيا آفر ڪيا ويا پر هن اها آڇ ٿڏي ڇڏي هئي. ممبئي ۾ پهرئين لتا دينا ناٿ منگيشڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ ڳالهائيندي سندس ڀيڻ آشا ڀوسلي ٻڌايو ته هڪ شادي جي دعوت هئي،جتي ميزبان وٽ ڪروڙين رپين جون ٽڪيٽُون هيون جيڪي هو مون کي ۽ لتا کي ڏيڻ چاهيندو هو. ان جي خواهش هئي ته آئون ۽ لتا شادي ۾ گانو ڳايون. لتا جي مون کان پڌيو ته ڇا تون شاديءَ ۾ ڳائيندينءَ؟ مون چيو نه جنهن کانپوءِ هن ان شخص کي چيو ته “ جيڪڏهن توهان ڏهه ڪروڙ ڊالر جي به آڇ ڪندئو تڏهن به اسين نه ڳائينديونسين ڇو جو اسين شادين ۾ ناهيون ڳائينديون.” ياد رهي ته لتا منگيشڪر 1929ع ۾ ڄائي ۽ هئي ۽ هلندڙ سال فيبروري ۾ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري وئي هئي.