سڪرنڊ: ( ن پ ا ) سڪرنڊ ۾ پڦين پاران معصوم ڀائٽيي کي قتل ڪرڻ بعد ٻن ڏينهن تائين لاش الماري ۾ لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چئن ورهين جي نينگر سراج ملاح کي قتل ڪرڻ جَي الزام ۾ سندس پُڦيون عزيزان ۽ شمائلا ملاح گرفتار، پوليس ڪيس به داخل ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار عورتن نينگر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو آهي، ڪيس ۾ نينگر جي والد الهه داد ملاح موقف اختيار ڪيو ته، سندن ٻنهي ڀينرن ٻارڙي سراج ملاح کي قتل ڪري سندس گمشدگي جو ڊرامو ڪيو ۽ لاش ٻن ڏينهن تائين الماري ۾ لڪائي رکيو، فريادي موجب سندس پٽ سراج گهر ۾ سڀني جو دادلو هو، سندس ڀينرن کي ان سان ساڙ هو ته، سراج کي سڀ ڀائيندا آهن، پر سندن اولاد کي ڪير به پيار ناهي ڪندو…………