ڄامشورو ( ن پ ا ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان صبح جو اغوا ٿيل بلڊر سيد شاهنواز شاهه ڄامشورو وٽان بازياب ٿي ويو، ڄامشورو پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مغوي کي سندس ويگو گاڏي ۾ ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو ته پيٽارو ٽول پلازا وٽ پوليس گاڏي کي روڪيو، فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران پيڇو ڪرڻ تي هٿياربند مغوي کي گاڏي سوڌو ڇڏي فرار ٿي ويا