سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ٻارڙن جو گينگ چوري وارن واقعن ۾ سرگرم ٿي ويو، سکر جي اسٽيشن روڊ تي واقع مشينريءَ جي دڪان مان ھڪ نينگري چوري ڪندي پڪڙي وئي، اھڙا سي سي ٽي وي فوٽيجز سامھون اچي ويا آهن. جنھن ۾ نينگري دڪان خالي سمجھي اندر داخل ٿي ۽ خاني مان پئسا ڪڍڻ لڳي ته دڪان جو ملازم اُتي ئي موجود ھو، جنھن ڇوڪريءَ کي ڇڏي ڏنو، جنھن بعد اُھا ڇوڪري کسڪي وئي، ڪجھ ڏينھن اڳ سکر جي حسيني روڊ تي واقع نجي بينڪ جي ايئرڪنڊيشن ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پھتل ڪاريگرن جو گئس وارو سامان ٻه نينگر چوري ڪري رھيا، جن کي مقامي ماڻھن پڪڙي بينڪ انتظاميا حوالي ڪيو ۽ بينڪ انتظاميا ٻنھي نينگرن کي اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو. معصوم ٻار ھجڻ سبب پوليس انھن جي والدين کي گھرائي سمجھائڻ کان پوءِ کين ڇڏي ڏنو.