سکر (بيورو رپورٽ) سنڌوءَ درياءَ تي سکر بئراج وٽان لاوارث حالت ۾ ڪار ھٿ اچڻ وارو معامرو: 2 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪار سوار ڊاڪٽر محمد پنجل ڪلھوڙو جي فرزند راجا محمد عباس جو پتو نه پئجي سگھيو. پوليس طرفان خودڪشيءَ جو شڪ ھجڻ ڪري سنڌو درياءَ ۾ نيوي توڙي مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳولھا وارو سلسلو جاري آھي، اِن ڏس ۾ ڊي ايس پي روھڙي جو چوڻ آھي ته ڪار مان ھٿ آيل نوجوان جي موبائل رڪارڊ جي به مدد ورتي پئي وڃي، محمد عباس جي وارثن سان به ڳالھايو آھي، جن ٻڌايو ته ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي، نه ئي وري محمد عباس جي ڪنھن گھر ڀاتيءَ سان ناراضگي ھئي، پوليس گھڻ رخي جاچ ڪري پئي، جلد معامري کي سلجھايو ويندو. ٻئي طرف ڊاڪٽر محمد پنجل ڪلھوڙو ۽ سندس فيملي نوجوان جي پراسرار نموني گم ٿيڻ سبب سخت پريشانين ۾ مبتلا آھي. واضع رھي ته 2 ڏينھن اڳ سکر بئراج جي سامھون سنڌوءَ تي اڏيل پل تان ڪار لاوارث حالت ۾ ھٿ آئي ھئي، ڪار ۾ سوار محمد عباس جو موبائيل توڙي ڪار جي چاٻي به موجود ھئي.