سکر (بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي سکر ايئرپورٽ ويجھو ڪارروائي ڪندي پابندي مڙھيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي انتھائي گھربل دھشتگرد خدا بخش ولد جاڙو خان مري ويٺل ڳوٺ سيد گل شاھ 60 ميل تعلقه دوڙ ضلع شھيد بينظير آباد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 9 ايم ايم پسٽل برآمد ڪري سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. پڌرائي موجب گرفتار دھشتگردي پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪندي ٻڌايو آھي ته ھن بلوچستان ۾ واقع بي ايل ايل جي تربيتي ڪئمپ ۾ عسڪري دھشتگردي جي ٽريننگ حاصل ڪئي، ماضي ۾ ڪيل دھشتگرد جي ڪيترن ئي واقعن جو ھن انڪشاف ڪيو آھي. ڄاڻايل دھشتگرد خدا بخش مري ڪوھلو بلوچستان ۾ واقع ڪالعدم تنظيم بي ايل او جي تربيتي جو نائب ڪمانڊر رھيو آھي، جنھن پنھنجي ساٿي گلزار مري، رحمو مري، ورڪ مري، منظور مري، گوندل مري سان گڏ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملو ڪيو جنھن ۾ سيڪيورٽي فورسز جو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو ھو ۽ جوابي ڪارروائي ۾ گلزار مري مارجي ويو ھو، ڄاڻايل جوابدار پنھنجي ساٿي بھرام مري، ٽائرو مري، رحمو مري ۽ سيد محمد شاھ سان گڏ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فوسرز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنھن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ھو، جنھن ۾ بھرام مارجي ويو ھو، جوابدار پنھنجي ساٿين سان گڏجي ڪوھلو ۾ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ۾ ملوث رھيو آھي، جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان دھشتگردن جي ڪئمپ تي حملي بعد جوابدار پنھنجي ساٿين در محمد مري، ڪالو مري ۽ زيوار خان سان گڏجي ھٿيار ۽ بارود ڪوھلو جي علائقي ۾ زمين اندر لڪايا ھئا ۽ مستقل طور تي اتان لڏي آيا ھئا. سي ٽي ڊي سکر طرفان دعويٰ ڪئي وئي آھي ته گرفتار دھشتگردي لڪايل بارود ۽ ھٿيارن جا تفصيل ٻڌايا آھن. جنھن ۾ 6 کان 7 عدد ڪلاشنڪوف، 2 سو ڪلاشنڪوف جون گوليون، ھڪ عدد ايل ايم جي، 6 کان 7 مارٽر گولا شامل آھن. سي ٽي ڊي سکر موجب وڌيڪ گرفتار دھشتگرد کان پڇا ڳاڇا وارو سلسلو جاري آھي.