سکر(بيورو رپورٽ) سکر ضلعي انتظاميا، ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر ۾ ڊرينيج نظام ناڪارا بڻيل آھي، مختلف ھنڌن تي ڊرينيج جو پاڻي بيھجڻ معمول بڻجي ويو آھي، سکر جي ڳتيل آبادي واري علائقي گرم گوديءَ ۾ نالين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ عملو گھر ويٺي پگھارون حاصل ڪرڻ سبب ناليون ابتيون وھڻ لڳيون آھن جنھن جي نتيجي ۾ ڊرينيج جو گندو پاڻي مک روڊ توڙي گھٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيھجي ويو آھي، گندو پاڻي بيھجڻ سبب اسڪول ويندڙ توڙي ايندڙ شاگرد، شاگردياڻيون، سرڪاري توڙي نجي شعبن ۾ ڊيوٽين توڙي نماز جي ادائيگي لاءِ مسجد طرف ويندڙ شھرين کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. مقامي ماڻھن، امجد علي، گلزار علي، جنيد احمد ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ڊرينيج نظام ناڪارا ھجڻ سبب گندو پاڻي بيھجڻ معمول بڻيل آھي، نالين جي صفائي سٿرائي لاءِ عملو مقرر ھجڻ باوجود ڪو به عملي قدم ناھي کنيو ويو جنھن ڪري سخت پريشان آھيون. گندو پاڻي بيٺل ھجڻ ۽ گند ڪچري جا ڍير موجود ھجڻ ڪري بدبو توڙي مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مختلف مليريا سميت مختلف موذي بيمارين پڻ ڪَر کنيو آھي. هنن ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن توڙي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرم گودي ۾ بيٺل گندو پاڻي صاف ڪرائي ڊيوٽي ڪندڙ عملو مقرر ڪري شھرين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.