عمرڪوٽ (رپورٽر)نوجوان ٿر اتحاد پاران ٿرين خلاف غلط ٻولي ڳالهائيندڙ عورت خلاف احتجاج، ڌرڻو سخت نعريبازي ڪئي وئي. نوجوان ٿر اتحاد جي اڳواڻن پاران ٿرين خلاف غلط ٻولي استعمال ڪندڙ پيپلز ليڊيز ونگ اڳواڻ زيب النساءِ گيلڙو خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي نوجوان ٿر اتحاد جي اڳواڻن وڪيل زاهد مهر، جايد جهنجهي، شاهنواز، روشن، امجد ڪوري ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب آڏو خطاب ڪندي چيو ته زيب النساءِ گيلڙو ٽڪ ٽاڪ آءِ ڊي تي ٿرين خلاف غلط لفظ استعمال ڪيا آهن جنهن تي سڄي ٿر ۾ ڪاوڙ جي لهر پڻ ڇانيل آهي زيب النساءِ گيلڙو سموري ٿرين جي دل آزاري ڪئي آهي. جڏهن ته عمرڪوٽ پوليس اسان جو ڪيس وٺڻ لاءِ به تيار ناهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين عورت خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو ۽ ٿر واسين کان معافي نه وٺندي تيستائين احتجاج جاري رهندو.