سکر: جتوئي، جاگيراڻي ڌرين ۾ تڪرار جو جرڳو، ڌريون کير کنڊ

0
544
وارث ڏنو ماڇي ڀرسان نينگر جي قتل جو جرڳو، مخالف ڌر تي 30 لک ڏنڊ
وارث ڏنو ماڇي ڀرسان نينگر جي قتل جو جرڳو، مخالف ڌر تي 30 لک ڏنڊ

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان جتوئي جاگيراڻي ٻن ڌرين ۾ تڪرار وارو معامرو، ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن کي تذليل جو نشانو بڻائڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو، تذليل جو نشانو بڻيل في ماڻھوءَ جو 10 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، تذليل جو نشانو بڻيل جتوئي برادري جا ٻہ ۽ جاگيراڻي برادري جا 3 ڄڻا جرڳي ۾ ثابت ٿيا، تڪرار ۾ زخمي ٿيلن جو جرڳي ۾ ٻہ لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جتوئي برادريءَ جا 3 ۽ جاگيراني برادريءَ جا ٻہ ڄڻا زخمي ثابت ٿيا، ذريعن موجب ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙي جو ڪارڻ ٻيلي کاتي تي زمين تي مڇيءَ جو تلاءٌ قرار ڏنو ويو، مڇيءَ جو تلاءٌ اڌ جاگيراڻي ۽ اڌ جتوئي کڻندا، جرڳي ۾ فيصلو ڪيوويو تھ جھيڙيندڙ ڌريون ھڪ ٻئي مٿان ڪيس ختم ڪرائينديون، سکر: ٻنھي ڌرين کي فيصلي جي سرپيئنچن جھيڙيندڙ ڌرين کي ڀاڪر پارائي ٺاھ ڪرايو، جرڳو مير عابد خان جتوئي، شمشاد خان سندراڻي جي سرپئنچ ۾ سکر شڪارپور روڊ تي قائم ھڪ مقامي شادي ھال ۾ ٿي گذريو، ٺاھ بعد اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 20 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.