راج ڪندرا جي اسڪينڊ شلپا کان ڪروڙين رپيا کسرائي ڇڏيا

0
224

ممبئي (شوبزنيوز) راج ڪندرا جي فحش فلمن واري ڪيس جي ڪري اداڪارا شلپا شيٽي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو. ناليواري ڀارتي اداڪارا شلپا شيٽي جو مڙس فحش فلمون ٺاهي ۽ انهن کي موبائل ايپ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار آهي، ان ڪيس ۾ ممبئي پوليس اداڪارا شلپا شيٽي کان به گهڻي پڇا ڳاڇا ڪري چڪي آهي، جنهن جي ڪري شلپا شيٽي نه رڳو پريشان آهي پر کيس ڪروڙين رپين جو نقصان به ٿيو آهي. ممبئي پوليس موجب جڏهن ڪرائم برانچ راج ڪندرا جي گهر تي ڇاپو هنيو ته ان وقت شلپا شيٽي جو سندس مڙس سان جهيڙو ٿي پيو هو ۽ شلپا تمام گهڻي جذباتي ٿي وئي هئي ۽ آپي کان ٻاهر نڪري وئي هئي. رپورٽن موجب اداڪارا رڙيون ڪندي پنهنجي مڙس کي چيو هو ته اسان وٽ ايترو ڪجهه آهي ته توکي اهو سڀ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب شلپا شيٽي هڪ ڊانس شو ۾ جج طور موجود هئي پر راج ڪندرا جي گرفتاري جي ڪري شلپا شو ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، جنهن جي ڪري کيس 2 ڪروڙ رپين کان مٿي نقصان رسيو آهي. شلپا ان شو جي سڀ کان مهانگي جج آهي، جيڪا هڪ قسط جو 22 لک رپين تائين معاوضو وٺندي آهي، نه رڳو ايترو پر اهي افواهه به گردش ۾ آهن ته اداڪارا کي شو مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن چئنل انتظاميا ان معاملي تي ڪجهه به ناهي چيو.