لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هاسٽلن مان شاگردياڻين نمرتا چنداڻي ۽ نوشين ڪاظمي جا لاش ملڻ وارو معاملو، سپريم ڪورٽ طرفان اقليتن جي حقن بابت فيصلي جي نفاذ لاءِ قائم ڪيل ڊاڪٽر شعيب سڊل ڪميشن سنڌ جي گهرو کاتي کي ليٽر اماڻي ٻنهي واقعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل / ڪنسلٽنٽ غلام قاسم خان گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي اماڻيل خط ۾ لکيو آهي ته چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين جي موت جي حوالي سان ايڊووڪيٽ سروان ڪمار ڀيل درخواست لکي شڪايت ڪئي آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو 15 سيپٽمبر 2019 تي ٿيل نمرتا واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو هو، جڏهن ته نوشين جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ سندس ڪپڙن مان جزا هڪ مرد جا مليا آهن جيڪي نمرتا جي ڪپڙن مان مليل مرد جي جزن سان مشابهت رکن ٿا، ان لاءِ درخواستگذار ٻنهي ڪيسن ۾ شفاف انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي ته جئين ٻنهي بدقسمت واقعن ۾ هڪ ئي مرد جي ملوث هئڻ واري شڪ کي جانچي اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي، اهڙي درخواست کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ جي واضح هدايت مطابق 7 ڏينهن اندر سيڪريٽريٽ کي هڪ واضح رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جئين اها سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي سگهجي.