اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سي ڊي ڊبليو پي 249.21 ارب رپين جي 15 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن سنڌ لاءِ هڪ به منصوبو شامل ناهي، رٿابندي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) جو اجلاس رٿابندي جي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 249.21 ارب رپين جا 15 ترقياتي منصوبا منظور ڪيا ويا ۽  2 منصوبا ايڪنيڪ کي منظوري لاءِ موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، هائوسنگ ۽ ورڪس وزارت، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن، مواصلات وزارت، پاور ڊويزن ۽ ريلوي وزارت جي 15 منصوبن تي غور ڪيو ويو، سي ڊي ڊبليو پي 194.6 ارب جي لاڳت سان فلڊ پروٽيڪشن سيڪٽر جو منصوبو منظوري جي لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل ايڪنيڪ کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي، پاڻي وسيلن جي وزارت ان منصوبي جي ڪفالت ڪندڙ ايجنسي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومتون ۽ آبپاشي کاتو ان منصوبي تي عملدرآمد ڪندا، سي ڊي ڊبليو پي 31.93 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ٿيل صحت سهولت پروگرام به منظوري لاءِ ايڪنيڪ کي موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اهڙي طرح 1.82 ارب رپين جي لاڳت سان هزاره موٽروي منصوبي (پهرين ٽنل جو شمله هل ٽنل) کان پوءِ ايبٽ آباد ۽ شيروان روڊ کي ملائيندڙ انٽرچينج جي تعمير جي منظوري ڏئي ڏني وئي، سي ڊي ڊبليو پي 2.80 ارب رپين جي ماليت سان ڊي آءِ خان روڊ (نظرثاني ٿيل)، ڪنڊال انٽرچينج ، 1.44 ارب رپين جي ماليت جو ريلوي انڊرپاس گوجره، ڊسٽرڪٽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي تعمير، 4.87 ارب رپين جي ماليت جو ڊي آءِ خان روڊ ڊولپمينٽ پيڪيج نظرثاني ٿيل پي سي ون منصوبو به منظور ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سي ڊي ڊبليو پي 960.093 ملين رپين جي لاڳت سان ڊيرا بگٽي ۾ ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي، 1.84 ارب رپين جي لاڳت سان 5 بغير حادثاتي ڊيزل لوڪوموٽوز ري ڪمنشنگ جي آغاز، 1.83 ارب رپين جي لاڳت جي اهم باهه وسائيندڙ اوزارن جي مرمت جهڙا منصوبا به شامل آهن.