هنگو (م ڊ) خيبرپختونخوا جي علائقي هنگو ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ايف سي ۽ نجي ڪمپني جا 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويارات جي وقت ٽل جي علائقي ميانجي ۾ مول گيس ڪمپني تي حملو ڪيو ويو. ڊي ايس پي عرفان خان ٻڌايو آهي ته رات جي آخري پهر ۾ حملو ڪيو ويو، فائرنگ ۾ ايف سي جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. دهشتگردن سان 2 ڪلاڪن تائين مقابلو جاري رهيو، نجي ڪمپني جا 2 سيڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا. بعد ۾ پوليس ۽ ايف سي جي واڌو نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو