ڪراچي (اسٽاف ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪري صوبي ۾ ڏوھن بابت رپورٽ پيش ڪئي،  ملاقات بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم هڪ پراڻو مسئلو آهي، سماج ۽ پوليس کي گهرجي ته جنھن سان به ڏوهه ٿئي،  انهي سان گڏ بيهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿئي ٿو ته  انهي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، مون ايس ايچ اوز کي چيو آهي ته ڏوهه گهٽائڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ درست عمل ناهي، آئون ڪيس داخل ڪرڻ ۾ لاپرواهي ڪندڙ ايس ايچ اوز کي ھٽائي ڇڏيندو آھيان، جيڪڏهن لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن کي سزا ڏني وڃي ته انهي جا سٺا نتيجا نڪرندا، هن چيو ته ڪيسن جي بهتر جاچ ڪندڙ جاچ آفيسرن کي انعام پڻ ڏنا ويا آهن، اسان سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته سٺي ڪارڪردگي تي پوليس آفيسرن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ الڳ فنڊ مختص ڪيا وڃن، ھن وڌيڪ چيو ته منشيات ڪيس ۾ موت جي سزا ڏيارڻ تي ڪيس جي جاچ آفيسر کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک رپيا انعام ڏنو ويندو، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ به سزا برقرار رکي ته جاچ آفيسر کي وڌيڪ ٻه لک رپيا انعام ملندو، هن چيو ته اسان سي سي ٽي وي ڪيميرائون  لڳائيندڙ  شهرين جي حوصلا افزائي ڪئي آهي،  اسان جي اندازي موجب ٽن سالن ۾40 هزار سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون آهن، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته جرڳن بابت عدالتي حڪمن تي عمل ٿي رهيو آهي، جرڳا ڪندڙن خلاف ايف آءِ آرون به داخل ڪيون ويون آهن، هن چيو ته اسان ڪچي ۾ پڪٽون قائم ڪري ڌاڙيلن خلاف موثر ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن سبب گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ ڪافي بهتري آئي آهي.