لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ معطل سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست تي پنجاب حڪومت سميت ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ معطل سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس عابد حسين چٺا درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ايڊووڪيٽ صفدر خان پنهنجي موقف ۾ چيو ته وفاقي حڪومت غلام محمد ڊوگر کي معطل ڪيو آهي پر ان جي باوجود معطل سي سي پي او لاهور پنهنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي. جيڪو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو معاملو اهم قسم جو آهي عدالت پنجاب حڪومت، آءِ جي پنجاب سميت ٻين ڌرين کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
ٻئي طرف هاءِ ڪورٽ غلام محمد ڊوگر جي معطلي خلاف درخواست جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو ته درخواست هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ نٿي اچي. درخواستگذار سروس ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهي ٿو.