اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي سوال جو جواب ڏيندي بجلي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري رانا ارادت شريف خان چيو ته سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جون 16 ڊويزنون آهن، جن مان 10 ڊويزنن جا علائقا ڪچي جا علائقا آهن جيڪي نو گو ايرياز بڻيل آهن، انهن علائقن ۾ بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني جو عملو ته ڇا پوليس به نه ٿي وڃي سگهي، وصولين لاءِ پوليس ۽ انتظاميا جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ 4 کان وڌيڪ خط لکيا آهن، سيپڪو  مان 18-2017ع کان  وٺي هن وقت تائين 65 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي بلن جي وصولي نه ٿي سگهي آهي، سيپڪو ۾ بجلي جا لاسز وڌ ۾ وڌ 37 سيڪڙو ۽ هن وقت 32 سيڪڙو تي پهتل آهن، اسپيڪر مهرين ڀٽو جي ان حوالي سان سوالن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اماڻي ڇڏيو ، جڏهن ته قومي اسيمبلي کي لکت ۾ بجلي جي وزير خرم دستگير خان ٻڌايو آهي ته ڊسمبر 2022ع تائين بجلي جو گردشي قرض وڌي 2536 ارب رپيا ٿي ويو آهي، بجلي هڪ سال ۾ 230 ارب رپين جي چوري ٿي آهي، لائين لاسز 113 ارب تائين پهتا آهن، قومي اسيمبلي کي پيٽروليم وزارت لکت ۾ جواب پيش ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ سڀ کان پهريان گيس ڏيندڙ بلوچستان صوبي ۾ هڪ به نئين گيس اسڪيم ڏيڻ جي منظوري نه ڏني وئي آهي پنجاب ۾ 228 اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن، جن تي ڪل لاڳت 43 ارب 22 ڪروڙ ٿيندي، خيبر پختونخوا 150 نيون گيس اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن جن تي 29 ارب 49 ڪروڙ 80 لک رپيا خرچ ٿيندو، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ 175 نيون گيس اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، جن تي رڳو 3 ارب 18 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندو،اجلاس دوران پاڪ افغان سرحد کان جعلي دوائن جي اسمگلنگ بابت پيپلز پارٽي جي قادر مندوخيل ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، قادر مندوخيل چيو ته جعلساز ڪمپنيون به موجود آهن، رشوت وٺي جعلي ڪمپنين کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي.