ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جي تقرير دوران پي ٽي آءِ پاران گوڙ، فردوس شميم نقوي ۽ امتياز شيخ ۾ جملن جي ڏي وٺ، فردوس نقوي چيو ته سيپڪو ۽ حيسڪو 72 سيڪڙو نقصان ۾ آهن، جنهن تي امتياز شيخ  چيو ته فردوس شميم نقوي ڪوڙ پيو ڳالهائي، کيس معافي  گهرجي  ٿو. ڪالهه ايوان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو، انهي تي هوم ورڪ جاري آهي، اسان وفاق کي سوئي سدرن گيس ڪمپني به سنڌ حوالي ڪرڻ جو چئي چڪا آهيون، هن چيو ته سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾رجسٽرڊ 2 لکن گهراڻن کي سولر سسٽم وسيلي بجلي فراهم ڪئي ويندي، هر ضلعي ۾  7800 گهرن کي سولر سسٽم ملندو، 2024ع تائين منصوبو مڪمل ڪنداسين، هن چيو ته ٿر ڪول رٿا شروع ڪرڻ وقت سنڌ حڪومت ٿر کي مفت بجلي ڏيڻ جي تجويز رکي هئي، تڏهوڪي پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار مخالفت ڪئي، انهي باوجود سنڌ حڪومت پاران اسلام ڪوٽ ۾  هر گهر کي 100 يونٽ مفت بجلي ڏني پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي گيس تي پهريون حق سنڌ جو آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو وٺڻ چاهي پئي، ٻئي ڪمپنيون مليون ته انهن کي فائدو ڏيندڙ بڻائيندا سين، اجلاس دوران جي ڊي اي جي ايم پي اي نند گوڪلاڻي پاران ٻوڏ دوران تباهه ٿيل گهرن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، سرڪار   20 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ورلڊ بينڪ به 500 ملين ڊالر ڏنا آهن هن وقت تائين هڪ به گهر اڏيو ناهي ۽ نه ئي وري متاثرن کي پيسا مليا آهن، جنهن تي  صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته اسان 20 لک گهر اڏڻ لاءِ هر  گهر مالڪ کي 3 لک رپيا ڏيڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، متاثرن کي پئسا ڏيڻ لاءِ بينڪ اڪائونٽ کولرايا پيا وڃن، ايندڙ ٽن مهينن ۾ گهر ٺهي ويندا، متحده ايم پي اي رعنا انصار جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش  ڪندي چيو ته خوراڪ وارو وزير ٻڌائي ته ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ باوجود ڪراچي ۾ اٽو مهانگو ڇو ٿيو آهي؟ جنهن تي  صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته فلورملز ايسوسئيشن سان ڪامياب ڳالهيون ٿيون آهن، شهرين کي اٽو 125 رپيا في ڪلو ۾ملڻ گهرجي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اٽي جا اگهه گهٽجي ويندا، اجلاس ۾ رليف ڪمشنر ٻوڏ دوران رليف آپريشن بابت خصوصي آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، جيڪا پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي حوالي ڪئي وئي، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ آرمز ترميمي بل تعارف لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي پڻ اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ اڱاري تي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.