سيوھڻ ويجھو پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
258
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ويجھو يوسي بوبڪ جي ڳوٺ رسول بخش رودناڻي ۾ سڱاوتي معاملي تان پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب گولي لڳڻ سبب ٻن ماروٽ ڀائرن مان ھڪ ڄڻو مارجي ويو ٻيو زخمي ٿي پيو

ٻڌايو پيو وڃي ته ماروٽ جوابدارن جاويد رودناڻي، پرويز،۽ اشفاق روناڻي پفاٽن ۾ سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا ان تان جھيڙو به ٿيو آهي ۽ اڄ گھرن ۾ جھيڙو وڌي وڃڻ سبب پسٽل جا فائر ڪري شمشاد کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اصغر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ فوتي جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو بعد ۽ متاثر ڌر جي مطابق ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو