سيوھڻ: 35 ورھين جي نامعلوم شخص جو تشدد ٿيل لاش ھٿ

0
137
سيوھڻ ويجهو 35 ورھين

سيوھڻ (ن پ ا)  سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ ڳاڙهي واري وٽان 35 ورھين جي نامعلوم شخص جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي

اطلاع ملڻ تي سيوھڻ پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪري ڇڏيو، پر لاش سڃاڻپ نه ٿي سگهي

اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته لاش جي مٿي ۾ چار کان پنج ڏنڊا لڳل آهن ۽ لاش اٺ کان ڏهه ڪلاڪ اڳ جو تشدد ٿيل آھي

پوليس موجب مقتول شخص جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري نادرا جي وسيلي مقتول جا فنگر ورتا ويا آهن ۽ جنھن ذريعي جلد خبر پئجي ويندي ته مقتول ڪير آھي، جنهن بعد مقتول جي قاتلن جو جاچ ذريعي پتو پڻ لڳايو ويندو