اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جون اسٽينڊنگ ڪاميٽيون اڍائي مهينن کان پوءِ فعال ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو، ڪالهه 8 مختلف اسٽينڊنگ ڪاميٽين جا چيئرمين متفقه طور تي چونڊجي ويا، 11 مارچ 2021ع تي سينيٽ جا اڌ ميمبر رٽائرڊ ٿي ويا هئا، جنهن ڪري سينيٽ جون قائم ٿيل اسٽينڊنگ ڪاميٽيون ختم ٿي ويون هيون، اڍائي مهينن تائين ڪاميٽيون غير فعال رهيون، ڪالهه کان سينيٽ جون اسٽينڊنگ ڪاميٽيون فعال ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ڪالهه 8 سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين لاءِ چيئرمينن جي متفقه چونڊ ٿي آهي، جي يو آءِ سان تعلق رکندڙ طلحه محمود کي سينيٽ جي ناڻي بابت ڪاميٽي جو چيئرمين، پيپلزپارٽي جي سليم مانڊوي والا کي رٿابندي ۽ خصوصي قدمن واري ڪاميٽي، پي ٽي آءِجي محسن عزيز کي گهرو مامرن ، پي ٽي آءِ جي زيشان خانزاده کي واپار، بلوچستان عوامي پارٽي جي پرنس احمد عمر احمد زئي کي مواصلات، روبينا خالد کي جهاز راني، نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو کي قائدن، ضابطن ۽ پروليج بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي، فاٽا جي هدايت الله کي ايوي ايشن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي، رٿابندي ڪاميٽي جي چيئرمين جي چونڊ کان پوءِ ڪاميٽي جو ميمبر شبلي فراز پهتو، سندس انتظار نه ڪرڻ تي وفاقي وزير شبلي فراز ناراض ٿي واپس هليو ويو، ان حوالي سان اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني صحافين کي ٻڌايو ته شبلي فراز جي پهچڻ کان پهريان رٿابندي ڪاميٽي جي چيئرمين جي چونڊ ٿي چڪي هئي جڏهن ته اڄ 11 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ ٿيندي، جن ۾ قانون ۽ انصاف، ڪابينا ڪاميٽي، صنعت پيداوار، پرڏيهي مامرا، دفاع، پيٽروليم، سڌ سماءَ، خصوصي قانون سازي، اختيارن جي منتقلي بابت ڪاميٽي، بجلي وزارت، پارلياماني مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي شامل آهن.