سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاريءَ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جو شديد ردعمل

0
185
سينيٽر اعظم سواتي جي

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاريءَ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران شديد رد عمل ڏنو ويو آھي، فواد چوڌري چيو آهي ته اعظم سواتي تي تشدد جون خبرون پريشان ڪندڙ آهن

ھڪ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو تھ سياسي قيدين تي تشدد پاڪستان ۾ هڪ نئون معمول بڻجي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف وٺ پڪڙ تيز ڪئي وئي آھي

<p>In this still, PTI leader Azam Khan Swati speaks to the media in Islamabad. — DawnNewsTV</p>

شهباز گل چيو ته هڪ بزرگ کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪرڻ سان سندس ڪٽنب تي ڇا گذري هوندي، استدعا آهي ته مون سميت ڪنهن به نوجوان ڪارڪن کي پڪڙيو پر بزرگ کي ڪپڙن کان آجو نه ڪيو

شيرين مزاري چيو آهي ته جهڙيءَ ريت طاقت جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي اهو جمهوريت جو خاتمو آهي، اسد عمر ۽ شوڪت ترين پاران به اعظم سواتي جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي وئي آھي، کيس فور طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيوويو آھي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي گرفتار، جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي