سيتاروڊ (ن پ ا ) سيتاروڊ جو رٽائرڊ استاد ۽ تعليمي ماهر الاهي بخش سولنگي دل جي تڪليف سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي. استاد الاهي بخش ڪجھه ڏينهن کان دل جي بيماريءَ سبب ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي دل بيهڻ سبب هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. رٽائرڊ استاد جي مرتئي جي خبر جهنگ ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ۽ سيتاروڊ ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي. مرحوم کي رات دير سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس پٽ مدد علي سولنگي ۽ ٻين پوئينرن سان تعذيت جو سلسلو هلندڙ آھي.