حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ رهندڙ معذور ماڻهن سرڪاري ادارن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف پنهنجو احتجاج 101هين ڏينهن جاري رکيو. پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي ڳالهائيندي محمد خالد سومرو، فاروق احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته سرڪاري ادارن ۾ معذور ڪوٽا تحت معذور ماڻهن کي نوڪريون فراهم نٿيون ڪيون وڃن جنهن سبب معذور ماڻهو گذر سفر لاءِ لاچار بڻيل آهن. هنن چيو ته معذور ڪوٽا تي عمل لاءِ احتجاج جي باوجود ڪامورن جي ڪن تي جونءَ نٿي سُري. معذور ماڻهو جسماني پورهيو ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهن. حڪومت جي پاليسي آهي ته هر اداري ۾ معذورن کي سندن ڪوٽا مطابق نوڪريون فراهم ڪيون وينديون پر ان ڪوٽا تي ڪو به عمل نٿو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو ته معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي کين فاقاڪشي کان بچايو وڃي.