سياسي عدم استحڪام آخر ڪنهن جي فائدي ۾ آهي؟

0
145
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪ طرف ملڪ لاءِ معاشي طور سٺيون خبرون اچي رهيون آهن ۽ هڪ اميد پيدا ٿي رهي آهي ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري سگهي ٿو ته ساڳئي وقت وري ملڪ جي سياسي عدم استحڪام طرف وڌڻ جو به خطرو پيدا ٿي رهيو آهي جنهن سان معاشي استحڪام وارين ڪوششن کي ڌڪ رسي سگهي ٿو .ڇاڪاڻ ته ڪهڙو به ملڪ ڀلي ڪيترو به معاشي طور مستحڪم هجي پر جيڪڏهن اتي سياسي عدم استحڪام پيدا ٿي پوي ته ان جي معاشي حالت بهتر نه ٿي رهي سگهي .پاڪستان جو ته قصو ئي ابتو آهي،ملڪ اڳ ئي معاشي طور بدتر حالتن ۾ آهي انهي ۾ وري سياسي عدم استحڪام انهي صورتحال کي ڪٿي وٺي ويندو ان جو اندازو  لڳائڻ ايڏو مشڪل ناهي.

جمهوري نظام ۾ ڪنهن به ڌر کي آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو پنهنجو احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر ان احتجاج جي حق سان گڏ اها به ذميواري هوندي آهي ته آئيني حدن ۾ رهي پرامن احتجاج کي لازمي بنائڻو پوندو آهي جيئن انهي جمهوري نظام کي ڪو به خطرو نه هجي. پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جنهن کي حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ جو نالو ڏنو پيو وڃي اهو ڪالهه کان لاهور مان شروع ٿي چڪو آهي  جيڪو اسلام آباد طرف ويندو.انهي مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ مختلف تبصرا ۽ تجزيا ڪيا پئي ويا .حڪومت ته انهي لانگ مارچ کي اسلام آباد تي چڙهائي سان ڀيٽي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته  جيڪڏهن ايئن جٿن جي چڙهائي کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ته پوءِ رياست ۽ قانون جي ڪهڙي حيثيت وڃي بچندي؟ جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت جيڪا اڳ ۾ انهي لانگ مارچ کي نين اليڪشن جي مطالبي سان ڳنڍي رهي هئي اها هاڻي چئي رهي آهي ته حڪومت جو خاتمو اسان جي لانگ مارچ جو مقصد ئي ناهي .جيڪڏهن  لانگ مارچ جو مقصد  حڪومت جو خاتمو ناهي ته پوءِ نيون اليڪشن ڪيئن ٿينديون، اهو هڪ اهم سوال آهي. هن لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ اهي تبصرا به ٿي رهيا هئا ته انهي سان ملڪي جمهوري نظام ڪمزور ٿيندو ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڳالهه سياسي ڌرين تي  هڪٻئي خلاف الزام تراشي کان وڌي ادارن تائين به اچي پهتي آهي ۽ ٻه ڏينهن اڳ ٿيل پريس ڪانفرنس انهي جو اظهار هئي.اڳ ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته شايد انهي لانگ مارچ جو محور سياسي ڌريون ۽ حڪومت هجي پر انهي پريس ڪانفرنس ۽ ڪالهوڪي لانگ مارچ ۾ عمران خان جي تقريرن مان اها ڳالهه چٽي ٿي چڪي آهي ته هي لانگ مارچ رڳو حڪومت ۽ سياسي ڌرين جي جهيڙ ي تائين محدود ناهي جيڪا ئي سڀني کان وڌيڪ خطري جي ڳالهه لڳي رهي آهي ۽ اهو به خطرو آهي ته ڪٿي اهو لانگ مارچ خوني نه بڻجي پوي جنهن جا اشارا اڳ ۾ شيخ رشيد ڏيندو هو  ۽ ٻه ڏينهن اڳ فيصل واوڊا پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڏئي چڪو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته جنهن ڳالهه جو انديشو ۽ خطرو هو ملڪي سياست انهي طرف وڌي رهي آهي،حڪومت هر حال ۾ چونڊن جي مطالبو مڃڻ کان انڪاري آهي ۽ پي ٽي آءِ اليڪشن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ انهي مارچ سان ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچڻ بدران عدم استحڪام وڌندو جيڪو نظام لاءِ ئي خطرو ٿي سگهي ٿو، وري جڏهن اهو لانگ مارچ سياسي ڌرين جي هڪٻئي تي الزام تراشي مان اڳتي نڪري ادارن تائين پهچي وڃي ته ان جو خطرو اڃا به وڌي ٿو وڃي .تنهن ڪري سڀني ڌرين کي سوچڻو پوندو ته نظام ۽ سياسي مضبوطي  ئي ملڪ جي بهتري ۾ آهي. جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام وڌيو ته  ملڪ ۽ نظام کي ناقابل تلافي نقصان پهچي سگهي ٿو جنهن جا سڀ ذميوار هوندا.