رياست ، سياست ۽ معيشت آخر ڪيتري افراتفري برداشت ڪندا ؟

0
164
رياست جي حاڪميت بحال ڪرڻي پوندي

انگريزي ۾ چئبو آھي Enough is enough  يعني هاڻي ڇيھه ٿي ويو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڊي جي آءِ ايس آءِ ، ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ جي جيڪا ڊگھي پريس ڪانفرنس ڪئي ان جتي جمهوري جماعتن ۽ اڳواڻن کي جمهوريت جو بهتر آئيندو نظر اچڻ لڳو اتي جناب ثاقب نثار جي عطا ڪيل “صادق ۽ امين” واري سند جي حقيقي تشريح  “ڪوڙي ۽ منافق” جي معنائن ۾ سامهون آئي آھي. ٻنهي شخصيتن هڪ هنڌ ويهي جيڪي چيو اهو سڄي دفاعي اداري جو موقف ۽ چٽو ۽ کرو اظھار سمجهبو. گذريل چئن سالن تائين ۽ خاص ڪري هن سال مارچ کان هن قوم کي لاڳيتو تڪبر، ڪوڙ ۽ مناقفت ذريعي جيڪو ڌوڪو ڏئي فريب ڪيو ويو ان تان پردو کڄي چڪو. ڪوڙَ به ڪوڙن جهڙا، ملڪ ۽ قومي مفادن کي نظرانداز ڪري ناجائز اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو بيانيو بنايو ويو ان جو جواب به نيٺ اچي ويو. پريس ڪانفرنس ۾ سائفر، غداري، رجيم چينج، آرمي چيف کي لامحدود مدي لاءِ توسيع جا حربا، اپوزيشن اڳواڻن کي سڌو سنئون ڪاٺ ۾ وجهڻ جا انگل، لسٻيلا جي شھيدن خلاف غليظ ميڊيا مهم، ملڪ جي سپھه سالار کي مير جعفر، مير صادق ۽ باغي جهڙا باغيانه لقب ڏيئي غير آئيني مدد لاءِ مجبور ڪرڻ، ماضي ۾ ساڳي شخصيت لاءِ تعريف جون تسبيحون سورڻ، بند دروازن پويان منٿون ۽ ايلاز ۽ ڏينهن جو غداري جي لقبن سان نوازڻ، فوج جي اداري جو سياست کان پري رهڻ جو صائب ادارتي فيصلو ڪرڻ، لانگ مارچ دوران امن امان کي برقرار رکڻ جو عزم ظاهرڪرڻ، ملڪي معيشت بابت پريشان رهڻ، ارشد شريف مرحوم جي مبينه قتل ۽ ان جي الزام ۾ فوج ۽ حڪومت کي ملوث ڪرڻ جي پردي پويان خود خان جي صوبائي حڪومت ۽ همدرد چينل جي ملوث ھجڻ جا واضح اشارا پيش ڪرڻ ۽ غير معمولي طرح ميڊيا سامهون اچڻ جي ڪارڻ طور اهو واضح اظھار ڪرڻ ته “اڄ مان پنهنجي لاءِ نه آيو آھيان پر پنهنجي اداري لاءِ سامهون آيو آھيان، جنهن جا جوان ۽ آفيسر صبح شام پنهنجي جان جا نذرانه پيش ڪري رهيا آھن. هن اداري جي سربراھه جي حيثيت ۾ مان خاموش نٿو رهي سگهان. مان اهو مڃان ٿو ته جڏهن ڪوڙ ايترو تسلسل ۽ رواني سان هڪ طرف کان ڳالهايو وڃي جنهن سان فساد جو خطرو هجي ته سچ جي ڊگھي خاموشي به ٺيڪ ناهي.”

اسان جي ملڪ آزادي کان وٺي اڄ تائين ڪڏهن به نه سياسي بلوغت ۽ استحڪام ڏٺو نه ئي معاشي بهتري ۽ خوشحالي ڏٺي. سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾ واري ڪار آھي. سياستدانن جي اقتداري لالچ، بي اصولي ۽  سياسي سوديبازيون پنهنجي جاءِ تي پر رياست جي ٻين عضون به پنهنجي طرفان ڪونه گهٽايو. انتظاميه،  مقننه ۽ عدليه هر ڪنهن رياست کي مضبوط ڪرڻ بدران پاڻ کي سگهارو رکڻ لاءِ سسٽم مان پنهنجا اتحادي ڳولي نظام جي ٻئي عضوي کي زيردست رکڻ جي جدوجهد جاري رکي. شروع کان ئي سرحدي تنازعن جنم وٺي پاڻ کان ڇهوڻي ستوڻي ملڪ سان آمهون سامهون آڻي بيهاريو. ان جي نتيجي ۾ ملڪ جي اولين ترجيح پهريائين  سرحدن جي حفاظت ۽ بعد ۾ خود ساخته نظرياتي سرحدن جو دفاع قرار ڏنو ويو. قومي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ غير ملڪي عالمن، مصر سميت عرب دنيا ۽ ايران جي علمي درسگاهن ۽ ڌارين حملا آورن جي پيش ڪيل نظرين، فرقن ۽ تعليم جي اثر کان مجبوري ۾ متاثر ٿيندي وڌيڪ تضادن ۽ تفرقن جو شڪار ٿي وياسين. نتيجي ۾ اسان کي نه سياسي استحڪام نصيب ٿي سگهيو نه معاشي طرح پاڻڀرا ٿي سگهياسين.

اڄ  دنيا جي ڇهين فوجي طاقت ۽ آبادي جي لحاظ سان  پنجون نمبر ملڪ، زرعي ملڪ هوندي به کاڌ خوراڪ جي معاملي ۾ به پاڻڀرو ناهي. قرض وڌي ملڪي قومي پيداوار جي برابري تي اچي پهتو آھي، برساتن ۽ ٻوڏ جا ستايل لکين بي گهر روڊن رستن ۽ شاخن ۽ واهن جي بندن تي گرھه گرھه جا محتاج آھن ۽ غير مقبول حڪومت منٿون ڪري ھڪ ھڪ ڊالر هٿ ڪرڻ جي لاءِ واجهائي پئي، اهڙين حالتن ۾ عمران خان حڪومت، اسٽيبلشمنٽ ۽ سڄي قوم کي نڪ ۾ نوڙي وجهي جيڏانهن چاهيو هڪليندو رهيو. انتهائي سخت،  گستاخانه ۽ ڌمڪي آميز لهجي ۾ جيڪي بيان ڏيندو رهيو ، حڪومت، سڀ ادارا ۽ ميڊيا ان جي توڙ ۾ مصروف ٿيندا رهيا.  جيئن ئي سندس گذريل بيانيو ٿورو پراڻو ٿيڻ لڳي ٿو ته وري نئون الزام، نئون مسئلو کڻي ان کي بار بار ايترو بيان ڪيو وڃي ٿو جو محسوس ٿيندو آھي ته ملڪ جو اهوئي سڀني کان وڏو مسئلو آھي. پي ٽي آءِ پهريائين هن جمعي ڏينهن تي رڳو ايندڙ لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر مرحوم صحافي ارشد شريف جي شھادت واري واقعي کي ڪيش ڪرائڻ خاطر 22 آڪٽوبر تي ئي 26 مئي تي ملتوي ڪيل لانگ مارچ کي جمعي ڏينهن کان ئي شروع ڪري ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ قتل جي وڏن واقعن تي ڪجھه قدر سياست ٿيندي هوندي پر اسان جي خطي جي گھڻي تڻي سياست قبرن ۽ مردن تي ٿيندي رهي آھي .گانڌي خاندان، ڀٽو خاندان، بنگلاديش ۾ شيخ مجيب ۽ ضياءَالرحمان ۽ ٻيا پر هتي پرائي ڊيڊ باڊي تي بيانيو بنائي ملڪ جي دفاعي ادارن کي حد کان وڌيڪ ملوث ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ پروپيگنڊا شروع ڪئي ويئي. فيصل واوڊا واري پريس ڪانفرنس تي اعتبار ڪرڻ سؤلو ڪم ته ڪونه هو پر هاڻي لڳي ٿو ته اهو اصل حقيقت کي واضح ڪرڻ ۽ عمراني هاءِ گھوڙا جو علاج ڪرڻ لاءِ اهو ٽريلر هو. خود خان صاحب جو اقرار ڪرڻ  ۽ ڪي پي حڪومت جو ڪردار سامهون اچڻ سان خبر پوي پئي ته مرحوم کي هنن پاڻ ئي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. ان ڪري ڪٿي هي ڪيس کين ڳچي ۾ نه پئجي وڃي.

هاڻي اسان جيڪڏهن شھيد ارشد شريف واري معاملي کي پاسيرو رکي لانگ مارچ جي ٽائيمنگ جو جائزو وٺون ته ڪجھه ڳالهيون بلڪل پڌري پٽ پيون آھن. سڄو مانڌاڻ مچائڻ جي مقصدن ۾ بقول ميان نواز شريف جي “عمران جو لانگ مارچ ڪنهن انقلاب نه پر مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرائڻ آھي”  ٻيو مقصد موجوده مقبوليت کي ڪيش ڪرائي  تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ ۽ موجوده حڪومت کي مجبور ڪري گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي هٽرائڻ يا گهٽ ۾ گھٽ مستقل دٻاءَ ۾ رکڻ شامل آھن. نومبر واري اهم مقرري جو عمل هاڻي ڪنهن به  وقت شروع ٿي سگهي ٿو بلڪه  وزيراعظم جيڪڏهن ساٿين جي صلاح مڃي ها ته مقرري جو اعلان ٿي به چڪو هجي پر لڳي ٿو ته سڀ اسٽيڪ هولڊر به يا ته پاڻ ۾ متفق نه آھن يا خانصاحب لاءِ سوديبازي جا سڀ آپشن کليل رکڻ چاهين پيا. ڪجهھ مبصرن جي راءِ آھي ته جيڪڏهن فوري طور تي اها مقرري ٿي وڃي ها ته لانگ مارچ جي ڦوڪڻي مان اڌ کان وڌيڪ هوا نڪري وڃي ها. اتحادي حڪوت لاچار هوندي به مقرر وقت کان اڳ وڃڻ لاءِ آساني سان تيار ٿي نٿي سگهي ڇاڪاڻ موجوده بدحال معيشت ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي هوندي چونڊون ته کين ڳچي ۾ پونديون پر هن وقت ڪجھه ناڻي جي کوٽ ٻئي پاسي ناسازگار حالتون به ان جي اجازت نٿيون ڏين. اليڪشن ڪمشنر هٽائڻ ته خان کي به خبر آھي ته ممڪن ڪونهي پر ايترا داٻا دڙڪا صرف اليڪشن ڪميشن کي دٻاءَ ۾ رکڻ جا حربا هئا جيڪي باهمت چيف اليڪشن ڪمشنر قبول نه ڪيا. انهن حالتن ۾ پي ٽي آءِ جي هٿن مان وقت تيزي سان نڪرندو پيو وڃي. موجوده پسمنظر ۾ وڏا مقصد ته حاصل ٿيندي نظر نه پيا اچن مورڳو خطرو اهو آھي ته دير ٿيڻ سان ڪٿي مقبوليت جي جاري لهر جو عوام ۾ اثر گهڻي عرصي تائين برقرار رکي نه سگهجي. نه خداهي  ملا نه  وصال  صنم،  نه اڌر ڪي هوئي نه اڌر ڪي هوئي هم. ٻي ڳالھه ته ايشين ڊولپمينٽ  بينڪ وٽان ڏيڍ ارب ڊالرن جي رقم اربعا ڏينهن ملي چڪي آھي. ان کان علاوه آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن وٽان وڌيڪ سهارو ملڻ سان جيڪڏهن اقتصادي حالتون بهتر ٿي ويون ته مهانگائي ماريل عوام کي رعايتون ملڻ شروع ٿي وينديون. وڌيڪ اهم نڪتو اهو به آھي ته سعودي عرب جي تازي دوري دوران وزير اعظم شھباز شريف جي ولي عهد شھزادي محمد بن سلمان تمام پرجوش مهمان نوازي ڪندي کيس پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري فارم هائوس ۾ ميزباني ڪئي ۽ پاڪستان جي دوري ڪرڻ لاءِ به ھاڪار ڪئي ان تي خان صاحب کي ماضي ياد آيو هوندو جڏهن هن خود گاڏي ڊرائيو ڪري شھزادي سان ويجهي تعلقات تي فخر پئي ڪيو. ان تي هاڻي کيس شھباز شريف سان حسد ضرور ٿيو هوندو جنهن جي باري ۾ ھي صاحب  سدائين بازاري زبان استعمال ڪندو آيو آھي. باقي وزير اعظم طرفان چين جو پهرين نومبر کان رٿيل  دورو به هميشه وانگر خانصاحب ڪيئن ٿو هضم ڪري سگهي جنهن 2014ع واري ڌرڻي سبب، سمجهائڻ ۽ منٿون ايلاز ڪرڻ جي باوجود، چيني صدر  جو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. هونئن به خانصاحب سيپيڪ معاهدي کي ناڪام ڪرڻ جي الزامن جي نشاني تي رهندو آيو آھي. اهي سڀ مقصد،  لڪ ڇپ ۾ ڪيل ڳالهين ۽ ڪوششن باوجود جڏهن پورا ٿيڻ جو آسرو ختم ٿيڻ لڳو ته سابق وزيراعظم وٽ عرصي کان سانڍيل نيوڪليئر آپشن يعني لانگ مارچ ۽ ڌرڻو بچيا ٿي، ان ڪري مايوسي ٿي هميشه طيش ۾ رهندڙ شخص انتهائي قدم کڻڻ جو فيصلو تڙ تڪڙ ۾ ڪري ڇڏيو آھي. ياد رکڻ جي ڳالھه ھي به آھي ته نيوڪليئر آپشن راجا پورس جي هاٿين وانگر  ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لشڪر مارائڻ جو سبب به بنجي سگهي ٿو.

موجوده صورتحال ۾ سواءِ ڪجھه مهربان ججن جي، خانصاحب جي حمايت رياستي طاقتور حلقن وٽ گھٽ نظر اچي ٿي. ڇا اهڙين حالتن ۾ لانگ مارچ جو فيصلو گهربل نتيجا ڏيئي سگهي ٿو؟  ان جو جواب گهڻو ڪري ناڪار ۾ ايندو پر ان جا تمام اگرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا. فيصل واوڊا  ان جو ذڪر تازو پريس سامهون اچي ڪيو، شيخ رشيد جي “خوني لانگ مارچ” واري ڳالهه ته  اپريل کان جاري آھي ۽ پڻ دور انديش حلقا ان خوف ۾ مبتلا آھن ته ڪٿي ڪا دهشتگردي جي واردات نه ٿي وڃي، ڪٿي امن امان قائم رکڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان ڪي فوتگيون نه ٿي وڃن ۽ نيت نه هوندي ۽ حالات ناسازگار هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن آئيني ۽ قانوني نظام جي تڏا ويڙھه ڪرڻي پئجي ويئي ته سڄي ملڪ ۽ قوم کي ته وري ڪو ڏھه  سالن جي اونداهي دؤر جو جهٽڪو لڳندو.ان صورت ۾  سڀني کان وڌيڪ خسارو خان ۽ سندس پارٽي کي ٿيندو. سندس جماعت کي نقصان ته ھاڻي شايد خير خيريت هوندي به ٿيڻ جو امڪان موجود آھي. چوڌري پرويز الاهي ۽ خانصاحب جي جانشيني جا اميدوار ڏسجي ته ڪيترو ٿا ساٿ نڀائين؟ ڪپتان ڀل ته آسرا ڏيندو وتي ته سندن لانگ مارچ ۾ ته ٻار، خواتين ۽ فيمليز شامل هونديون،  جتي  انٽرٽينمنٽ ۽ تفريح جو ماحول هوندو۽ ماضي به گواھه آھي ته هن جماعت جي جلسن ۾ شغل ميلو ته ضرور هوندو آھي پر هن دفعي فرق هي آھي ته بااثر ATM ۽ طاقتور ميزبانن جي غيرموجودگي ۾ 126 ڏينهن جو ڌرڻو ته پري رهيو پر شل 26 ڪلاڪن تائين به ساٿ سلامت رهي. جلسي  ۽ لانگ مارچ توڙي ڌرڻي جو ماحول به مختلف هوندو آھي ته شرڪت ڪندڙن جي صلاحيت ۽ جرئت به.

هن وقت ماتم ان حقيقت تي آھي ته سڄي رياست ۾، ملڪ ۾ ڪوبه غيرجانبدار ناهي رهيو جيڪو اڳتي اچي صلح لاءِ راهون هموار ڪري. مٿان وري جنهن اداري کان غير جانبداري جي اميد قائد اعظم کان اڄ تائين هر ڪنهن ڪئي پئي، ان جي اهڙي اعلان تي کين الله پاڪ جا فرمان ٻڌائي ننديندي نيوٽرل کي جانور ڪوٺيو ويو. ٻيو انتهائي معتبر ادارو سپريم ڪورٽ سڳوري جو آھي پر اڄڪلھه ڪجھه جج حضرات جي فيصلن،  ريمارڪس، بينچن جي ٺھڻ ۽ ڊھڻ تي جاري تنقيد، ججن جي مقرري تي خود اعليٰ عدليه جي ظاهر ٿيل اختلافن ۽ نامناسب رساڪشي سبب کانئن اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ  جي گهٽ اميد هوندي به مقتدر فيصلن ذريعي عدالت ئي ڪنهن وڏي حادثي کان بچڻ جو آخري در ٿي سگهي ٿو. سڀني اسٽيڪ هولڊرن کان بس اميد ئي رکي سگهجي  ٿي ته رياست، سياست ۽ معيشت آخر ڪيتري افراتفري، گارگند ۽ ڄنڊا پٽ کي برداشت ڪري سگهندا؟  ان صورت ۾ عام شھري کان وڌيڪ انهي خصوصي استحقاق Privilege   رکندڙ طبقي کي نقصان ان طرح پهچندو ته سندن جاءِ تي ڪي ٻيا “صادق ۽ امين” اچي جاءِ والاريندا.

شھرت ڪي فضائون ۾ اتنا نه اڙو ساغر

پرواز کو  نه   جائي   اونچي   اڙانون   سي.