ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سياحت کاتي  جي پي ڊي ايم سيل ۾ حاڪم راهوجو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر  طور مقرري خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 7 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حاڪم راهوجو جي ڀرتي غير قانوني آهي، حاڪم راهوجو  7گريڊ  ۾ لائبريرين طور تي ڀرتي ٿيو هو،  جنهن کي غير قانوني طور ترقي ڏني وئي. حاڪم راهوجو هن وقت سياحت کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پي ڊي ايم مقرر ٿيل آهي جنهن وٽ اڪائونٽس آفيسر سميت 3 اضافي چارجون پڻ آهن. عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته حاڪم راهوجو جي ڀرتي سميت ڪرپشن جي تحقيقات لاءِ ڪميشن جوڙي کيس فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.