ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪراچي ٺٽو ۽ ڪوٽڙي کي پاڻي فراھم ڪندڙ ڪلري بگھار واھ ۾ ڪيميڪل وارو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي 11 فيڪٽرين کي بند جا نوٽيس جاري ڪيا ويا، ماحوليات جي بچاء واري کاتي حيدرآباد پاران ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ ھلندڙ فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ ڪيميڪل وارو زھريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي ڪوٽڙي سائيٽ جي 11 فيڪٽرين کي بند ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن ۽ فيڪٽرين کي فوري طور پيداوار وارو عمل بند ڪرڻ جون پڻ ھدايتون ڪيون آھن، ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ماحوليات کاتي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر عمران علي عباسي ٻڌايو ته ڪوٽڙي جي ڪي بي فيڊر ۾ ڪيميل وارو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪندڙ ڪارخانن خلاف ڪاروائي ڪئي آھي، فيڪٽرين ۾ ٽريٽمنٽ پلانٽ نه لڳائڻ ۽ مسلسل ماحولياتي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي فيڪٽرين کي بند ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آھن ۽ پيدوار وارو عمل بند ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ٻئي پاسي آبپاشي کاتي ڪي بي فيڊر واھ ۾ صنعتي فضلي جي ڇوڙ خلاف سائيٽ لميٽڊ کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مٿان ڪرمنل ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي لاڳاپيل ٿاڻي تي اهڙي ايف آء آر داخل ڪرڻ لاء باقائده ليٽر لکي ڇڏيو آهي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلري بگهار فيڊر مان چار ڪروڙ ماڻهو پاڻي پيئن ٿا، ڪراچي، ٺٽو، ڄامشورو ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو ڪراچي واھ جو پاڻي واپرائين ٿا پر ڪوٽڙي سائيٽ جو ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪيترن سالن کان ناڪاره هجڻ ڪري فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي واھ ۾ مسلسل ڇوڙ ٿي رهيو آهي جنهن ڪري انساني جانيون داء تي لڳل آهن. هوڏانهن سائٽ لميٽڊ جي ايم ڊي منور علي مهيسر جو چوڻ هيو ته جيتوڻيڪ اسان ڪي بي فيڊر جي پاڻي جا سيمپلز ٽيسٽ ڪرايا هئا جيڪي نارمل آيا هئا، ان هوندي به غفلت ٿي آهي ته اها مقامي ذميوار آفيسرن هٿان ٿي هوندي ان ۾ ايم ڊي کي شامل ڪرڻ سراسر غلط آهي. ڪوٽڙي سائيٽ جي ٽريٽمينٽ پلانٽ کي فعال ڪرڻ جي لاء پڻ لاڳاپيل ڌرين سان لکپڙھ هلندڙ آهي.